حميده قاضي

حميده قاضي

حميده قاضي

حميده قاضي: ليکڪا حميده قاضيءَ جو اصل نالو غلام سڪينا قاضي آهي. سندس جنم 13 آگسٽ 1960ع تي غلام قيوم قاضيءَ جي گهر، خيري ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ناليوارو استاد، شاعر قاضي عبدالحئي ’قائل‘ سندس چاچو هو. هوءَ ايم. اي اسلامڪ ڪـلـچـرل (1983ع) ۽ ايم. اي سنڌي (1990ع) آهي، شيخ اياز: فن ۽ شخصيت جي عنوان تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم. فل 2004ع ۾ ڪئي آهي. هن سنڌيءَ ۾ ايم. اي دوران ’ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ساهتڪار سرتين جو سفر‘ عنوان سان مونوگراف لکيو. 1983ع کان مسلسل اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون، ڪهاڻيون، شاعري ڇپجندي پئي اچي. شڪارپور جي ناليوارن اديبن شعبان بخت ۽ نقش ناياب منگيءَ جي صحبت ۾ هن ادبي رهنمائي حاصل ڪئي. شڪارپور مان نڪرندڙ اخبار ’ناياب‘ جي عورتن واري صفحي جي انچارج به رهي، جڏهن ته روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي ’سگهڙين سٿ‘، روزاني عوامي آواز جي ’سورمين‘، روزاني مهراڻ جي ’سرتيون‘ صفحن جي انچارج به رهي آهي. 1981ع ۾ تعليم کاتي ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر مقرر ٿي. 1991ع ۾ ڪميشن پاس ڪري گرلس ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ ليڪچرار ٿي. هن وقت گرلس ڊگري ڪاليج ڪوٽڙيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي سربراهه آهي. حميده قاضي ڪيترين علمي، ادبي ۽ تعليمي ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا پيش ڪيا آهن. سندس ايم. فِل جي ٿيسز ’شيخ اياز: فن ۽ شخصيت‘ جي عنوان سان ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي.
کيس ادبي خدمتن عيوض عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران 2000ع ۾ ’ڊاڪٽر تنوير عباسي‘ اوارڊ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.
هن وقت ’شيخ اياز جي مزاحمتي شاعريءَ جو جائزو‘ عنوان هيٺ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان پي. ايڇ. ڊي ڪري رهي آهي ۽ حيدرآباد جي قاسم آباد علائقي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ حميده قاضيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.13  عيسوي

ليکڪا حميده قاضيءَ جو اصل نالو غلام سڪينا قاضي آهي. سندس جنم 13 آگسٽ 1960ع تي غلام قيوم قاضيءَ جي گهر، خيري ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تسليم دارا
عامر خان
عبدالستار سمو
رُٿ فاءَ، ڊاڪٽر Dr. Ruth Pfau
ڀاسڪر آچاريه
طارق خشڪ
رضا رباني
پوراني ميرڪ سيد عبدالاول الحسيني
احمد متقي
ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون